بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميزباني ھيٺ عالمي ڪانفرنس 30 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

سنڌي خبرون 29th Dec 2024 369 مناظر
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميزباني ھيٺ عالمي ڪانفرنس 30 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ عالمي ماھر شرڪت توڙي خطاب ڪندا

ٽنڊوڄام؛ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميزباني ھيٺ ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس 30 ڊسمبر کان ٿيندي، ملڪي ۽ عالمي ماھر شرڪت توڙي خطاب ڪندا، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سھڪار سان “سي پيڪ توانائي جو ڍانچو ۽ سماجي-اقتصادي تبديليون: چيلينجز، موقعا ۽ پائيدار ترقي” واري عنوان تحت ٻن ڏھاڙن واري 30 ڊسمبر کان شروع ٿي رھي آھي، جنھن ۾ عالمي برادري سميت ملڪ کي درپيش توانائي سلھاڙيل، سماجي ۽ اقتصادي مامرن تي ملڪي ۽ عالمي ماھر پنھنجا تحقيقي مقالا ۽ تجويزون پيش ڪيون وينديون، ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪانفرنس ۾ چين، ترڪي، مليشيا سميت مختلف ملڪن جا ماھر شرڪت ڪندا ۽ آن لائين مقالا پڙھندا، جڏھن تہ ملڪ جي چئني صوبن جي يونيورسٽين، ريسرچ ۽ زرعي ادارن جا ماھر ۽ اسڪالر پڻ ٻنھي ڏينھن جي فني ويھڪن ۾ شريڪ ٿيندا، جڏھن تہ ملڪ جي توانائي، تحقيق، ثقافتي ۽ سماجي تبديلين جي حوالي سان ڄاڻ جي مٽاسٽا بابت بحث مباحثن ۾ حصو وٺندا، جڏھن تہ نمائش ۽ نائٽ گالا جا پروگرام پڻ منقعد ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي صدارت ۾ مک ۽ ذيلي ڪميٽين جو اجلاس رٿيو ويو، جتي وائيس چانسلر کي پروگرام جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ