منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو جو مڪلي مارڪيٽ جو اوچتو دورو، شين جي اگهن ۽ معيار جو جائزو

سنڌي خبرون 23rd Dec 2025 302 مناظر
اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو جو مڪلي مارڪيٽ جو اوچتو دورو، شين جي اگهن ۽ معيار جو جائزو

عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي: اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي خاص هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم سيڪريٽري مارڪيٽ ڪميٽي فھد جهتيال سميت لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ مڪلي مارڪيٽ جي مختلف دڪانن ۽ بازارن جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڏنڍ پڻ لڳايا ، جتي هن روزمره استعمال ٿيندڙ ضروري شين جي اگهن ۽ معيار جو تفصيلي جائزو ورتو . دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر دڪاندارن کي سرڪاري نرخ نامون نمايان هنڌن تي لڳائڻ ۽ مقرر ڪيل اگهن تي شيون وڪرو ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي. هن روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين جي معيار جو پڻ به جائزو ورتو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي، ڪنهن کي به سرڪاري اگهن کان وڌيڪ اگهه وٺڻ يا ناقص ۽ غير معياري شيون وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن خبردار ڪيو ته خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته بازارن جي باقاعده نگراني جاري رکي وڃي، جيئن عوام کي مهانگائي کان بچائي سگهجي ۽ معياري شيون مناسب اگهن تي دستياب رهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ