بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

مڪلي واسڻ عورت جو مڙس ۽ ٻارڙڻ سميت بااثرن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 07th Aug 2025 234 مناظر
مڪلي واسڻ عورت جو مڙس ۽ ٻارڙڻ سميت بااثرن خلاف احتجاج

صديق هالو. سلطان هالو ۽ ٻين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: زاهده هالو

ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) مڪلي ڳوٺ محمد سومار هالو لڳ گملنڊه جي رهائشي خاتون مسمات زاهده زال محمد علي هالو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پنهنجي مڙس ۽ معصوم ٻارن سان گڏ پهچي صحافين آڏو دانهندي چيو آهي ته ساڳي ڳوٺ ۾ سندن ذات برادري جي ماڻهن صديق پٽ نور محمد هالو سلطان پٽ نور محمد هالو رهن ٿا جيڪي اوباش قسم جا ماڻهون آهن جن سندن جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي مذڪوره ماڻهون هنن کي سندن گهر ۽ پلاٽ تان بي دخل ڪرڻ گهرن ٿا انهن ماڻهن اڳ به شراب پيو نشي ۾ ڌت ٿي ڪيترائي ڀيرا سندن گهر تي حملو ڪندا رهيا آهن اڄ به ساڳي ماڻهن نشي جي حالت ۾ هنن جي گهر مٿان حملو ڪيو جنهن وقت گهر ۾ ڪوبه مرد ماڻهو موجود نه هو ان وقت صرف معصوم ٻار ۽ عورتون گهر ۾ موجود هيون پر پو۽ به مذڪوره ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي نشي جي حالت ۾ سندس نوجوان نياڻي جي ذليل ڪئي ٻارن ۽ عورتن کي پرتشدد ڪيو آهي متاثره خاندان ايس ايس پي ٺٽو کان فوري طور نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ