جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

سنڌي خبرون 23rd Sep 2025 454 مناظر
سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

جرمني ۽ نيڌرلينڊ جي سياحن جي وفد موهن جو دڙو پهچي قديمي آثار گهمي ڏٺا

ڏوڪري(رپورٽر) سنڌ جي ثقافتي ورثي موهن جو دڙو تي جرمني ۽ نيڌرلينڊ کان 11 ڄڻن تي مشتمل ٻه الڳ الڳ پرڏيهي سياحن جا وفد پهتا، وفد ۾ نيڌرلينڊ کان زال مڙس ۽ جرمني کان 9 ڄڻن جو وفد قديم ماڳ تي گهمڻ لاءِ پهتو، ٻنهي سياحن جي وفدن کي موهن جي دڙي تي مقرر مقامي خانگي گائيڊ ارشاد سولنگي کين موهن جي دڙي بابت بريفنگ ڏني، پرڏيهي سياحن ماڳ جي مختلف سائيٽس اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايرياز، ميوزيم سميت ٻيا قديمي آثار گهمي ڏٺا، ان موقعي تي پرڏيهي سياحن جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي، هتان جا ماڻھو تمام محنتي ۽ شاهوڪار تهذيب جا مالڪ آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي خواهش ھئي ته پاڪستان وڃي دنيا جي قديم تهذيب موهن جو دڙو ضرور ڏسنداسين، پرڏيهي سياحن جي دوري دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ