پیر، 28 ستمبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن کي گهرن ۽ پلاٽن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ بابت تقريب

سنڌي خبرون 30th Jul 2023 52 مناظر

سنڌ حڪومت سموري سنڌ ۾ 21لک گھر سروي ڪيا جنھن لاء 600 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو آھي: امتياز احمد شيخ

شڪارپور (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران شڪارپور جي گذريل سال جي ٻوڏ متاثرين ۾ گھر جي پلاٽن جي مالڪاڻا حقن جي سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪرڻ جي تقريب منعقد. سنڌ حڪومت سموري سنڌ ۾ ايڪويھ لک گھر سروي ڪيا جنھن لاء ڇھ سئو ارب رپين جو پيڪيج ڏنو آھي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ شڪارپور ۾ حڪومت سنڌ نوي ھزار گھرن جي تعمير لاء ڇويھ ارب مختص ڪيا آھن ، ھن سال جي آخر تائين چوويھ ھزار سيلاب متاثرين کي گھر جي پلاٽن جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر تقريب کي ضلع چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو ، پ پ پ اڳواڻ بابل خان ڀيو ، سرسو چيئرمين محمد ڏتل ڪلھوڙو ء ٻين خطاب ڪيو . تفصيل موجب شڪارپور ۾ سنڌ حڪومت پاران گذريل سال جي ٻوڏ متاثرين ۾ گھرن جي تعمير لاء پلاٽن جا مالڪاڻا حقن جي سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪرڻ جي تقريب ٿي گذري . تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته گذشته سال جون برسات عوام تي تمام وڏي مصيبت آندي جنھن ۾ سنڌ اندر ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيا تنھن باوجود سنڌ سرڪار ھر ماڻھو وٽ پھتي ء انھن کي ريسڪيو ڪيو ويو ء کين کاڌو ، راشن ، علاج جون سھولتون ڏنيون ويون . ھن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ريليف ڪميٽي جو کيس انچارج مقرر ڪيو ھو ء ھن ساڻس سڄي لاڙڪاڻي ڊويزن جا دورا ڪيا ء چيئرمين بلاول ڀٽو ھزارين روڊن تي ويٺل ماڻھن سان ملاقات ڪئي ء کين دلجاء ڏنائون . صوبائي وزير چيو ته ماڻھن جي ھن مصيبت جي حل لاء چيرمين ڪراچي کان جنيوا تائين ڪانفرنسون ڪوٺايون ء يو اين جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان وٺي آيو ء عوام کي ريليف ڏيارڻ لاء وڏي رقم جو بندوبست ڪيو . ھن چيو ته سنڌ اندر ايڪويھ لک گھرن جي سروي ڪئي ويئي آھي جنھن لاء سنڌ حڪومت پاران صرف گھرن جي تعمير لاء ڇھ سئو ارب مختص ڪيا آھن جن جي تعمير جو عمل شروع ٿي چڪو آھي . تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشمر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته گذريل برساتن عوام جي اھنجن ء تڪليفن جو اکين ڏٺو گواھ آھي جنھن ۾ ٻاويھ آگسٽ تائين چار سئو ڇٽيھ ملي ميٽر برسات ٿي جنھن سبب شھرن توڙي زرعي زمينن ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺل ھو ، ھڪ سئو تيرنھن ماڻھو فوت ٿيا ء ھڪ لک ٽيونجاھ ھزار ايڪڙ زرعي فصل تباھ ٿيو . چارلک ماڻھو متاثر ٿيا ، ھڪ سئو ايڪيتاليھ ريلف ڪيمپون قائم ڪيون جنھن ۾ اٺٺيھ ھزار ماڻھو ترسايا. ان سڄي صورتحال ۾ بروقت سٺ ھزار راشن بيگ ، ڪيمپن ۾ کاڌو پھچايو ، ضلعي مان پاڻي ڪڍرايو ، فوتين ء زخمين کي معاوضو ڏنو ويو ، ٻج ءڀاڻ جي مد ۾ ھارين ۾ رقم تقسيم ڪئي ء ھاڻي گھرن جي تعمير لاء نوي ھزار گھرن جي تعمير لاء سروي مڪمل ڪئي آھي ء اڄ گھرن جي مالڪاڻا حقن لاء پلاٽن جون سندون تقسيم ڪري رھيا آھيون . ء چويھ ھزار ماڻھن کي ھن سال جي آخر تائين مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا . تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور ذولفقار خان ڪماريو ، پ پ پ اڳواڻ بابل خان ڀيو چيو ته اساڊسٽرڪٽ انتظاميه سان ملي ڪري عوام جي ڀرپور مدد ڪئي ء چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ء وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ شڪارپور جي عوام جي سار لڌي ھزارين ٽينٽ ء راشن بيگ موڪليا ء اڄ شھيد راڻي جي خيال تحت عورتن کي گھر جو مالڪ بنائڻ لاء سندون جاري ڪرايون آھن تقريب کي خطاب ڪندي مقامي عورتن مھناز مھر ، نسيم کوسو ء امان سچان چيو ته بلاول ڀٽو جا شلر گذار آھيون جنھن اسان کي ھي سندون ڏيئي گھر ٺھرائي ڏيئي رھيو آھي . ھنن چيو ته پ پ حڪومت عورتن جي لاء وڏا ڪم ڪيا آھن انڪري آئيندھ اليڪشن ۾ ھو ڀرپور جدوجھد ڪري چيرمين بلاول ڀٽو تقريب کي وزيراعظم چونڊرائينديون . تقريب کي سرسو سي اي او محمد ڏتل ڪلھوڙو پڻ خطاب ڪيو .تقريب جي آخر ۾ صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ، چيئرمين ضلع ڪائونسل ذوالفقار خان ڪماريو ، پ پ پ اڳواڻ بابل خان ڀيو ٽيھ بوڏ متاثرين عورتن ء مردن ۾ پلاٽن جو مالڪاڻيون سندون تقسيم ڪيون . مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙن ۾ قائمه خاتون ، مھتاب خاتون ، ھادي بخش ، صوفي محمد عثمان ، عمران علي ، سھيل احمد ، خدا بخش ، سونيا خاتون ، شازيه خاتون ، شبانه خاتون حڪيمه خاتون ، حسينه خاتون ، رخسانه خاتون مسمات ارشاد ، مسمات بلقيس ء ٻيا شامل ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ