بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي: سائين بخش بنگلاڻي

سنڌي خبرون 06th Oct 2023 267 مناظر

بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم هوندو، پ پ ئي عوام جي بھتر نموني خدمت ڪري ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ڪورنگي جي اڳواڻ سائين بخش بنگلاڻي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي، ڪراچي جي علائقي مھراڻ ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سائين بخش بنگلاڻي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم هوندو، ھن چيو ته ڪورنگي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙ ۽ ڪورنگي جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان محبت ڪري ٿو سندس چوڻ ھو ته ڏوهن ۾ اڪثر پرڏيهي ملوث نظر اچن ٿا.سائين بخش بنگلاڻي چيو ته پاڪستان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، ڪجهه دشمن اسان جي ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.پاڪ فوج دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ