جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو جي ڀتين جي بحالي جو ڪم جاري

سنڌي خبرون 24th Jun 2025 343 مناظر
سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو جي ڀتين جي بحالي جو ڪم جاري
ڏوڪري(رپورٽر)موهن جو دڙو جي آثارن کي 2022 جي مها برساتن کان پوء پهتل سخت نقصان جي پورائي ۽ قديم ڀتين جي بحاليءَ لاء آرڪيالاجي کاتي طرفان مرحليوار هلندڙ ڪم جي سلسي ۾ موهن جو دڙو جي ڪنزويش جي ڪم جي نگراني ڪندڙ آرڪيٽيڪٽ انجنئر نويد احمد سانگاهہ طرفان ڪجهہ مهينن کان ماڳ جي ايڇ آر ايريا جي تباهہ ٿيل قديم ڀتين جي مارشل جي نقشن مطابق ٻيهر بحالي جو ڪم جاري آهي.انهي موقعي تي آرڪيٽڪ نويد احمد سانگاہ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڇ آر ايريا ۾ هلندڙ پوائنٽنگ انڊر پننگ فلورنگ ۽ مڊ ڪئپنگ جي ڪم ۾ استٿمال ٿيندڙ مٽيريل مٽي پاڻي قديم تهذيب جي آثارن کي محفوظ ڪرڻ واري ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ مٽي پاڻي ۽ ڪچين پڪين سرن جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو پيو وڃي. جنهن ۾ لوڻياٺ کان پاڪ مٽي ۽ پاڻي استعمال ڪيو پيو وڃي ماهر موجب ڪنزويشن جو ڪم 1922ع ۾ گڏيل هندستان جي وقت آرڪيالاجي جي ڊاريڪٽر جنرل ۽ ماهر سر جان مارشل جي نقشن مطابق هلي رهيو آهي. هن چيو تہ قديم ڀتين کي بچائڻ وقت سرن جي بارن وچ ۾ هلڪو گارو ڏنو پيو وڃي تہ جئين ڀتين تي گهڻو بار نہ پوي. هن چيو تہ هن بجيٽ کان پوء منير ايريا ۾ ڪنزروشن جو ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن بعد اها سائيٽ عام ماڻهن جي گهمڻ لاء کولي ويندي.ماهر موجب موهن جو دڙو جي هلندڙ ڪم دوران اهڙيون قديم ڀتيون ۽ کوهن جا نشان جيڪي برساتن دوران غائب ٿي ويا آهن انهن کي نقشن جي مدد سان ٻيهر ظاهر ڪري محفوظ ڪيو پيو وڃي. هن چيو تہ ايندڙ وقت ۾ موهن جو دڙو جي وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ واري منصوبي تي غور هلندڙ آهي. جيڪو ڪم ماهرن جي متفق راء ۽ فنڊن جي موجود هجڻ جي بنياد تي شروع ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ