بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور بچايو تحريڪ جي چونڊيل باڊي جو مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ اجلاس

سنڌي خبرون 22nd Jan 2025 383 مناظر
شڪارپور بچايو تحريڪ جي چونڊيل باڊي جو مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت هيٺ اجلاس

ايس ايس گارڊن شڪارپور ۾ نون عھديدارن حلف برداري تقريب جو جائزو ورتو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ سال 2025 جي چونڊجي آيل باڊي جو اجلاس چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري جي صدارت ۾ دادوائي روڊ مدرسه زين العلوم قادريہ ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ جنرل سيڪريٽري پروفيسر پرڪاش لال جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل فنانس سيڪريٽري ڏاڏو طاھر سومرو پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو آفيس سيڪريٽري عبدالغفور دايو پاران شرڪت ڪئي وئي اجلاس جي شروعات تلاوت پاڪ سان ڪئي وئي جتي ايس ايس گارڊن شڪارپور ۾ نون عھديدارن جي حلف برداري تقريب جو جائزو ورتو ويو تقريب ۾ شھرين جي ڀرپور شرڪت تي اطمينان جو اظھار پڻ ڪيو ويو اجلاس ۾ شڪارپور ۾ ڏينھون ڏينھن وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو جڏھن ته واپڊا طرفان شھر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي ته ھوڏانھن گئيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پريشر گھٽ ھجڻ تي شھرين کي پيش درپيش مسئلن جي حل لاء جلد شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس ڪوٺايو ويندو جنھن ۾ آئيندہ لاء لائح عمل جوڙيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ