بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

خيرپور رياست جي آخري والي ھز ھائينس مير علي مراد خان ٽالپر جي وفات تي تعزيت

سنڌي خبرون 21st Oct 2026 3 مناظر
خيرپور رياست جي آخري والي ھز ھائينس مير علي مراد خان ٽالپر جي وفات تي تعزيت

پرنس مير مھدي رضا ٽالپر ۽ ٻين سان پ پ سينيٽر ۽ پير آف ھڱورجا سيد ڪاظم علي شاھھ لڪياري ۽ ٻين جي تعزيت

ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ پير آف هڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد محرم علي شاهه لڪياري ۽ سيد حسن رضا شاهه لڪياري فيض محل خيرپور پهچي خيرپور رياست جي آخري والي هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپور جي وفات تي پرنس مير مهدي رضا ٽالپور ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو ته هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپور جي وفات سان خيرپور هڪ عظيم، باوقار ۽ تاريخي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. مرحوم جي وڇوڙي سان نه رڳو ٽالپور خاندان پر خيرپور جي تاريخ، ثقافت ۽ روايتن سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي به وڏو صدمو پهتو آهي.هن چيو ته مير علي مراد خان ٽالپور پنهنجي سادگي، اعليٰ اخلاق، شرافت، انسان دوستي ۽ باوقار شخصيت سبب هڪ منفرد مقام رکندا هئا. سندن زندگي ۽ ڪردار خيرپور جي تاريخي سڃاڻپ سان جڙيل رهيو، جڏهن ته سندن خدمتن ۽ شخصيت کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو.پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري وڌيڪ چيو ته ٽالپور خاندان جون خيرپور رياست ۽ ملڪ لاءِ خدمتون تاريخ جو اهم حصو آهن. هن خاندان خيرپور جي تاريخي ورثي، ثقافت ۽ روايتن جي حوالي سان هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته تاريخي شخصيتون پنهنجي ڪردار، اخلاق ۽ خدمتن جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهنديون آهن ۽ مير علي مراد خان ٽالپور جو نالو پڻ خيرپور جي تاريخ ۾ احترام سان ياد ڪيو ويندو.ان موقعي تي سيد محرم علي شاهه لڪياري ۽ سيد حسن رضا شاهه لڪياري پڻ مير علي مراد خان ٽالپور جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن به عظيم شخصيت جو وڇوڙو خاندان ۽ لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ڏک جو سبب هوندو آهي. هنن پرنس مير مهدي رضا ٽالپور ۽ ٻين وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.فيض محل ۾ ٿيل تعزيتي ملاقات دوران مرحوم جي زندگي،شخصيت ۽ خيرپور جي تاريخي حيثيت بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته مرحوم جي ياد ۽ خدمتن کي احترام سان ياد رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته خيرپور جي تاريخي ورثي ۽ روايتن کي محفوظ رکڻ به گڏيل ذميواري آهي.آخر ۾ هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپور جي مغفرت، بلند درجات ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته پرنس مير مهدي رضا ٽالپور ۽ ٻين پونئرن لاءِ صبر جميل ۽ هن ڏک کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪرڻ جي دعا پڻ ڪئي وئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ