موھن جو دڙو ڀرسان گھر مان ڌاڙي واري واقعي ۾ 2 ڄڻا گرفتار
موھن جو دڙو ڀرسان گھر مان ڌاڙي واري واقعي ۾ 2 ڄڻا گرفتار
موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙ ڀرسان ڳوٺ حاجي مشوري ۾ 2 ڏينهن اڳ 5 هٿياربندن طرفان ڳوٺاڻي ڪوڙل سوهو جي گهر ۾ گهڙي 6 لکن جي هنيل ڌاڙي وارو معاملو. متاثر ڳوٺاڻن ۽ جوابدار ڌر طرفان الڳ الڳ کوجي ڪتو گهرائي پيرا کڻايا ويا جيڪي ساڳي ئي ڳوٺ ۾ مصري خان مگسي جي اوطاق ۾ ويٺا. جنهن تي ايئرپورٽ پوليس 2 ڄڻن علي حسن مگسي ۽ صدام مگسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن سوهو برادري جي ماڻهن ڦر واقعي خلاف ايئرپورٽ روڊ تي احتجاج ڪيو. جتي ايس ايڇ او جميل احمد سولنگي ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ درياهہ خان سوهو ميڊيا کي ٻڌايو تہ 2 ڏينهن اڳ سندن گهر ۾ هنيل 6 لکن جي ڌاڙي ۾ ڳوٺ جا مگسي برادري جا 5 ماڻهو ملوث آهن. جن مان 2 پوليس گرفتار ڪيا آهن جڏهن تہ ايئرپورٽ پوليس مک جوابدار منير مگسي سميت 3 جوابدار گرفتار نہ ڪيا آهن. هن چييو تہ 5 جوابدارن خلاف ايف آء آر درج ڪرائي ويندي.