بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

هالا ڊگري ڪاليج جي عورت ملازمه جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پاران نوٽيس

سنڌي خبرون 21st Apr 2024 336 مناظر

هالا ڊگري ڪاليج جي عورت ملازمه جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پاران نوٽيس

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ هالا واسڻ عورت جي مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاه نوٽيس وٺي ڇڏيو، صوبائي وزير جي حڪم بعد ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪاليج پاران انچارج ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج حيدرآباد جي سربراهي ۾ 4 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪميٽي جو چيئرمين انچارج ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج پروفيسر مير چند اوڏ کي مقرر ڪيو ويو ميمبرن ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لطيف آباد يونٽ 8 جي پرنسيپل پروفيسر نائلا جروار, نذهت گرلز ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر سعيده ميمڻ ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر انسپيڪشن ريجنل عشر زمان شامل جاچ ڪميٽي معاملي جي هر رخ کان جاچ مڪمل ڪري 3 ڏينهن ۾ رپورٽ فراهم ڪندي: ڊائريڪٽر جنرل ڪاليج سنڌ پروفيسر مصطفي ڪمال جو حڪم معذور ڪوٽا تي هالا گرلز ڪاليج ۾ ليب اٽيڊنٽ طور ملازمت ڪندڙ خديجه نصرت ميمڻ ڌيءُ ذڪريا ميمڻ جو 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ڳوٺ شفيع محمد ڀرسان اڪرم واهه مان لاش مليو هو. بلديا ٿاڻي جي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سندس وارثن کي اطلاع ڏنو جيڪي لاش بنا پوسٽ مارٽم جي گهر کڻائي ويا ٻئي ڏينهن خديجه جو لکيل آخري خط منظر عام تي آيو جنهن ۾ هن هٿ آيل ڀيڻ جي پرس مان هڪ خط مليو جنهن م هن ڄاڻايو ته کيس ڪاليج ۾ ڊيوٽي دوران تمام گهڻو تنگ ڪيو پيو وڃي ان ڪري هو انتهائي قدم کڻي رهي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ