بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز: عوامي تحريڪ جو جھونو ڪارڪن رضا محمد راڄپر لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 27th Dec 2023 338 مناظر

نوشھروفيروز: عوامي تحريڪ جو جھونو ڪارڪن رضا محمد راڄپر لاڏاڻو ڪري ويو

نوشهروفيروز(ڊ ر) عوامي تحريڪ جو جھونو ڪارڪن ۽ ھاري اڳواڻ رضا محمد راڄپر ڪينسر جي بيماري سان ڪافي عرصو جھيڙڻ بعد وفات ڪري ويو. سندس جنازي نماز اباڻي ڳوٺ جمن راڄپر ۾ ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي. جڏھن ته جنازي نماز ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، ھارين، سياسي سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. رضا محمد راڄپر آخري وقت تائين عوامي تحريڪ ۾ رھيو. ھن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ تمام گھڻو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ تمام گھڻيون سختيون سٺيون. ٻئي پاسي عوامي تحريڪ ضلع نوشهروفيروز پاران جھوني ڪارڪن جي وڇوڙي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو چيو آھي ته رضا محمد راڄپر سڄي زندگي فڪر پليجو لاءِ وقف ڪري پنھنجي ماروئڙن ۽ ڌرتي جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. ھارين ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ضيا آمريت خلاف پنھنجي جوانيءَ جا ڏينھن قربان ڪيا. ھن چيو ته رضا محمد عوامي تحريڪ جو اثاثو ھو جنھن جي خدمتن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ