ہفتہ، 26 ستمبر 2026
بریکنگ

سيد زين شاھھ پاران سنڌ مان ٽريننگ لاء لاهور ويندڙ عورت ڪيڊٽس کي حراسان ڪرڻ واري واقعي جي مذمت

سنڌي خبرون 21st Apr 2024 377 مناظر

سيد زين شاھھ پاران سنڌ مان ٽريننگ لاء لاهور ويندڙ عورت ڪيڊٽس کي حراسان ڪرڻ واري واقعي جي مذمت

ڪراچي: سنڌ مان ٽريننگ لاء لاهور ويندڙ ريسڪيو 1122 جي عورت ڪيڊٽس کي حراسان ڪرڻ واري واقعن تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ جو ردعمل ، سيد زين شاھھ جو چوڻ ھو تھ ريسڪيو 1122 جي آفيسرن جي ھٿان سنڌ جي ڪيڊٽس عورتن اهلڪارن سان توھين وارو سلوڪ ڪرڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا

ريسڪيو 1122 جي آفيسرن پاران سنڌ جي ڪيڊٽس عورتن کي حراسان ڪرڻ واري واقعي کي ڳڻتي جي نگاھ سان ڏسون ٿا، لاهور ويندڙ سنڌ جي ڪيڊٽس عورتن سان ان طرح جو مجرماڻو ورتاءُ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ان واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ ڪيڊٽس تي پنجاب پوليس جي وحشياڻي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا

پنجاب فورس جي ملوث پوليس اهلڪارن کي فوري طور برطرف ڪري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، هراسان ڪندڙن کي گرفتار ڪري متاثر ڪيڊٽ عورتن کي انصاف ڏئي سندن تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ