جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

دادو: اينٽي ڪرپشن ھٿان ڊي اين اي تبديل ڪرڻ ۽ شاهديون لڪائڻ جي ڏوھ ۾ اي ايس آئي گرفتار

سنڌي خبرون 13th Oct 2023 315 مناظر

اينٽي ڪرپشن بي سيڪشن ٿاڻي جي اي ايس آئي نظير پنهور کي گرفتار ڪري ورتو

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) اينٽي ڪرپشن دادو جي ڪاروائي، ڊي اين اي تبديل ڪرڻ ۽ شاهديون لڪائڻ جي ڏوھ ۾ اي ايس آئي گرفتار، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر فياض احمد ڀرٽ ڪاروائي ڪندي بي سيڪشن ٿاڻي جي اي ايس آئي نظير پنهور کي گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر دادو فياض ڀرٽ جو چوڻ ھو تھ ڪجھ سال اڳ پوليس عملدار جي معصوم نينگر کي بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو هو ، جنهن ۾ اي ايس آءَ نظير پنهور جاچ آفيسر جوابدارن جو سهولتڪار بڻيل هيو، اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ آھي تھ گرفتار اي ايس آئي نظير پنهور خلاف پوليس اهلڪار جي مقتول پٽ لياقت گوپانگ جي ڪيس ۾ رشوت وٺي ڊي اين اي تبديل ڪرڻ ۽ شاهديون لڪائڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو جيڪو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي اڄ کيس هٿڪڙيون لڳائي گرفتار ڪيو ويو آھي، اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ ھو تھ فرض ۾ مجرماڻي ڪوتاهي ڪندڙ خلاف وڌيڪ قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ