اتوار، 25 اکتوبر 2026
بریکنگ

شھيد ھدايت لوهار جي ورسي— نصيرآباد ۾ دعوت نامن جي ورھاست جو سلسلو جاري

سنڌي خبرون 11th Feb 2025 359 مناظر
شھيد ھدايت لوهار جي ورسي— نصيرآباد ۾ دعوت نامن جي ورھاست جو سلسلو جاري

شھيد ھدايت لوهار جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سڀني قومي ساٿين کي اپيل

نصيرآباد: شھيد ھدايت لوهار جي ورسي جي سلسلي ۾ تياريون تيز رفتاري سان جاري آھن. اڄ ڪجھ ذميوار دوستن نصيرآباد جي سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري حلقن ۾ باضابطه دعوت ناما ورھايا، ته جيئن 16 فيبروري تي سن ھلڻ جي سڏ تي ڀرپور ساٿ ملي سگهي. ھن مهم دوران شھر جي معزز ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون ويون، جن قومي ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيندي ورسيءَ ۾ ڀرپور شرڪت جو وچن ورجايو. ساڳئي وقت، دعوت نامن جي ورھاست جو دائرو وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ماڻھن تائين پھچڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ۽ منظم قومي قافلي جي شڪل ۾ سن ھلڻ لاءِ تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. شھيد ھدايت لوهار جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سڀني قومي ساٿين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته ھو 16 فيبروري تي سن ۾ گڏ ٿي، قومي جدوجھد جي سگھ کي وڌيڪ مضبوط ڪن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ