رزاق آباد جي مک بازار ۾ رستن تي پٿارن جو آزار، گذرگاهون بند، ڳوٺاڻا سخت پريشان
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد جي مُک بازار ۾ رستن تي پٿارا لڳڻ سبب شهرين ۽ ڳوٺاڻن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته رستن تي غيرقانوني طور قائم ڪيل پٿارن سبب اچ وڃ جا لنگهه سوڙها ۽ بند ٿيڻ لڳا آهن. مک بازار مان هيوي ٽريفڪ جي گذرڻ دوران صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي جنهن سبب پيادل هلندڙ شهرين، موٽرسائيڪل سوارن، دڪاندارن ۽ ٻين مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان حوالي سان علائقي واسين شڪيل ڪلمتي، برڪت شاهه، غلام رسول گبول، علي محمد شيخ ۽ ٻين چيو ته رزاق آباد جي مک بازار ڀرپاسي واري علائقن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي جتان روزانو وڏي تعداد ۾ شهري، ڳوٺاڻا ۽ مختلف قسمن جون گاڏيون گذرن ٿيون پر بازار جي رستن تي پٿارا لڳڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي. هنن چيو ته رستن تي پٿارن ۽ سامان جي ڦهلاءَ سبب گذرڻ لاءِ مناسب جاءِ نه ٿي بچي، جنهن ڪري گاڏين جي اچ وڃ ۾ رنڊڪون پيدا ٿين ٿيون ۽ خاص طور تي هيوي ٽريفڪ جي گذرڻ وقت حادثن جو خطرو وڌي وڃي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته بازار مان روزانو عورتون، ٻار، بزرگ ۽ اسڪولن ڏانهن ويندڙ شاگرد به گذرن ٿا، پر رستا سوڙها هجڻ ۽ ٽريفڪ جي دٻاءَ سبب کين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترائي ڀيرا گاڏين جي اچ وڃ دوران ٽريفڪ جام جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي، جنهن سان نه رڳو عام ماڻهن جو قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿو، پر ڪاروباري سرگرميون پڻ متاثر ٿين ٿيون. علائقي واسين ڊي سي ملير سميت لاڳاپيل انتظاميا، ٽريفڪ پوليس ۽ مقامي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته رزاق آباد جي مک بازار جو فوري معائنو ڪري رستن تي قائم پٿارن ۽ رڪاوٽن بابت قانون موجب قدم کنيا وڃن، گذرگاهن کي صاف ۽ کليل بڻايو وڃي ۽ هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي وڃي جيئن شهرين کي پيش ايندڙ روزاني تڪليفن جو خاتمو ٿي سگهي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مسئلي جو ترت حل نه ڪڍيو ويو ته ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل ادارن تي هوندي.