پیر، 26 اکتوبر 2026
بریکنگ

ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڏوڪري ۾ ڌاڙي واري هنڌ پهچي ويو، متاثر سونارن سان ملاقات

سنڌي خبرون 24th Jul 2025 263 مناظر
ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڏوڪري ۾ ڌاڙي واري هنڌ پهچي ويو، متاثر سونارن سان ملاقات
ڏوڪري(رپورٽر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ڏوڪري پھچي ڌاڙي متاثر ھندو برادري جي سوناري اجيت ڪمار جي دوڪان تي پھچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ متاثر سونارن ڀائرن ڄيٺا نند ۽ پرڪاش لال چاندواڻي سان ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري چيو ته ڏوڪري ۾ ھر صورت ۾ امن امان بحال ڪرائي ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھن چيو ته امن امان ۾ ناڪامي تي ايس ايڇ او ڏوڪري اشفاق شر کي معطل ڪيو ويو آھي، ڊي ايس پي ڏوڪري امداد ٽالپر کي ڏوھارين خلاف ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو ته ڏوڪري تعلقي سميت سموري ضلعي لاڙڪاڻي م ڏوھارين خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ، شھرين کي ڏوھارين بابت ڪو اطلاع يا پوليس سميت ڪنھن به ماڻھو خلاف ڪابه شڪايت ھجي ته بنا خوف ٻڌايو وڃي، سندن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ