بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ ڏهرڪي واسي نوجوان سڱاوتي تڪرار تان بيدردي سان قتل

سنڌي خبرون 14th Apr 2024 431 مناظر

ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ ڏهرڪي واسي نوجوان سڱاوتي تڪرار تان بيدردي سان قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ درزڪو ڪم ڏهرڪي واسي نوجوان ظهور ميراڻي کي ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ پنهنجي سوٽن سڱاوتي تڪرار تان ڪات هڻي نوجوان جو ڳلو ,ٻانهن ۽ ڄنگهه وڍي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو , مقتول جو لاش ڏهرڪي پهچڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ظفر علي ميراڻي جو چوڻ ھو تھ سوٽن غلام حيدر ۽ گل حسن ميراڻي وارن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هيو , ظهور درزڪو ڪم ڪندو هيو ڪالهه چڪرا ڳوٺ ۾ سبزي جي دڪان تي بيٺو هيو ته گل حسن ۽ غلام حيدر ميراڻي وارن ڪات هڻي ڳچي ۽ ٻانهن ۽ ڄنگهه وڍي قتل ڪيو آھي ,
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ