بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: اسٽيل ٽائون ڀرسان ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

سنڌي خبرون 28th Sep 2025 292 مناظر
ملير: اسٽيل ٽائون ڀرسان ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون جي حدن ۾ وائرليس گيٽ جي مقام تي موٽر سائيڪل ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار موقع تي ئي فوت ٿي ويو پوليس موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن تيز رفتاري سان ايندڙ ٽرالر نمبر TLY-215 موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي. حادثي سبب 42 ورهين جو موٽر سائيڪل سوار عبدالرشيد شديد زخمي ٿي موقع تي ئي دم ڏنو. فوتي جي لاش کي ضروري ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي. حادثي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ مقامي ماڻهن روڊ تي رش ۽ تيز رفتاري کي حادثي جو سبب قرار ڏنو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ