جمعرات، 29 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو ڀرسان بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ سبب 10 ايڪڙن کان وڌيڪ ڪمند سڙي رک

سنڌي خبرون 15th Feb 2026 366 مناظر
مورو ڀرسان بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ سبب 10 ايڪڙن کان وڌيڪ ڪمند سڙي رک
مورو(جاني جماڻي) مورو ڀرسان ٽموڙ وٽ ڳوٺ محمد بخش لغاري ۾ بجلي جي تارن مان باھ لڳڻ سبب 10 ايڪڙ کان مٿي ڪمند جي بيٺل فصل کي باھ لڳي وئي جنھن جو اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو جنھن جي پھچڻ کان اڳ باھ سموري ڪمند کي وڪوڙي وئي ۽ ساڙي رک جو ڍير بڻائي ڇڏيو. ان موقعي تي متاثرن عنايت لغاري ۽ ٻين ٻڌايو تہ فصل ۽ گھرن مٿان بجليءَ جون تارون گذرن پيون جيڪي بار بار ڪري پون ٿيون ۽ فصل سان گڏ جاني نقصان پڻ ٿيو آھي. تارون ڪرڻ سبب اسان جو فصل سڙيو آھي ۽ لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي جڏھن ته ڳوٺ جا ٻه نوجوان نجف لغاري ۽ ڪاشف حسين لغاري انھن تارن ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا آھن. ھن چيو ته منھنجو وڏو نقصان ٿيو آھي ان سان گڏ ٻين ڳوٺاڻن رضا حسين، محمد علي لغاري جو پڻ ڪمند سڙيو آھي اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون ٿيل نقصان جو ازالو ڪري بجلي جون تارون ھٽرائي وڌيڪ جاني مالي نقصان کان بچايو وڃي ھنن سنڌ حڪومت، بجلي جي وزير، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چونڊيل نمائندن ايم پي اي ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ