اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد: لطيف آباد جي دامن ڪوهسار واري علائقي ۾ ميندي جي رسم دوران خوشي ۾ فائرنگ، نينگر مارجي ويو، هڪ ڄڻو زخمي

سنڌي خبرون 26th Apr 2024 224 مناظر

حيدرآباد: لطيف آباد جي دامن ڪوهسار واري علائقي ۾ ميندي جي رسم دوران خوشي ۾ فائرنگ، نينگر مارجي ويو، هڪ ڄڻو زخمي

حيدرآباد(بيورو) لطيف آباد جي دامن ڪوهسار واري علائقي ۾ مهندي جي رسم دوران خوشي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب گهوٽ جو ڦڦاٽ فوت هڪ زخمي، وارثن 11 سالن جي انس پٽ عارف راحت شيخ کي زخمي سمجهي علاج لاءِ ڀٽائي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي فائرنگ واقعي ۾ معاذ نالي نوجوان به زخمي ٿيو جنهن کي وارثن علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ۽ ملم پٽي بعد گرفتاري جي خوف کان پاڻ سان واپس گڏ وٺي ويا ڀٽائي اسپتال جي انتظاميا واقعي بابت ايئرپورٽ پوليس کي اطلاع ڏنو جن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪاروائي مڪمل ڪئي پوليس جو چوڻ ھو تھ گهر ۾ گهوٽ علي رضا جي مهندي واري رسم لاءِ تقريب منقعد ٿي جتي خوشي ۾ فائرنگ دوران هڪ نينگر فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو نينگر جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو وارث تدفين بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهچندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ