مڪلي جي ڳوٺ موسيٰ بروھي پنجين درجي جو شاگرد پراسرار نموني گم
نظير پٽ حضور بخش ملاح 3 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس نه آيو: وارث
ٺٽو(ڊر) مڪلي جي ڳوٺ موسي بروھي جو رھواسي پنجين ڪلاس جو شاگرد نظير ولد حضوربخش منڇري ملاح 3 ڏينھن اڳ گھران نڪري پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سندس وارث سخت پريشان اھن، جن پاران سندس ڳولا ڪرڻ باوجود ھٿ نہ اچڻ ڪري گم ٿي ويل شاگرد نظير منڇري ملاح جي وارثن وس وارن کي گم ٿي ويل شاگرد جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل آھي.