پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

موهن جو دڙو ۽ ڀرپاسي سارين جو بمپر فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو

سنڌي خبرون 20th Oct 2023 156 مناظر

واپارين ۽ ڪارخانيدارن في مڻ جو اگھھ 2 ھزار ڪري ڇڏيو آھي جيڪو گھٽ آھي:آبادگار

موهن جو دڙو (رپورٽر) موهن جو دڙو ۽ ڀرپاسي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل تيار ٿي ويو آهي. هارين طرقان سارين جي سٽ بہ شروع ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ هارين توڙي آبادگارن جو چوڻ آهي تہ مقامي واپاري کائن ساريون في مڻ 2 هزارن ۾ کڻن ٿا جنهن ڪري کين وڏو نقصان ٿئي ٿو. هارين موجب سارين جي پوکائي دوران ٻج، ڀاڻ توڙي دوائن جو وڏو خرچ ٿئي ٿو. مناسب اگهہ مقرر نہ هجڻ ڪري فائدي بجاء نقصان پوي ٿو. هنن چيو تہ سرڪاري سطح تي سارين جو في مڻ 4 هزار مقرر ڪري سرڪاري طور خريداري ڪئي وڃي. جئيئ هتان جا هاري بکون ڪاٽڻ تي مجبو نہ ٿين.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ