بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ۾ ڦر دوران مزاحمت تي پورھيت سخت زخمي، اسپتال منتقل

سنڌي خبرون 14th Jan 2024 118 مناظر

ڏوڪري ۾ ڦر دوران مزاحمت تي پورھيت سخت زخمي، اسپتال منتقل

ڏوڪري(اظهر علي ميمڻ) ڏوڪري جو پورهيت هٿياربندن هٿان يرغمال، ڦر، مزاحمت دوران پورهيت زخمي ٿي پيو. هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيت عقيل ڀنڊ گذريل رات پنهنجي ڳوٺ بابل خان جروار وڃي رهيو هو ته هٿياربندن پير منگهن قبرستان وٽان يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي. پورهيت هٿياربندن سان مزاحمت دوران تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته پورهيت عقيل ڀنڊ ڳوٺ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن يرغمال بڻائي تشدد ڪري ڦر ڪئي آهي. ڏهارين خلاف ڪاروائي ڪري پورهيت کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ