اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

دادو ۾ عورت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ جو الزام

سنڌي خبرون 13th Oct 2023 82 مناظر

ھوٽل مالڪ رجب شيخ، صدام شيخ ۽ اديب شيخ 7ورھين جي عليشا کي اغوا ڪري ويا: نجما ابڙو

دادو(عبدلعزيز ٻٻر) ماروي ڪالوني جي رھواسڻ نجمه ابڙو پاڪ ڪتاب کڻي سنڌ پريس ڪلب پھچي شھيد مخدوم بلاول ھوٽل جي مالڪ رجب شيخ صدام شيخ ۽ اديب شيخ مٿان الزام ھڻندي چيو ته ماروي ڪالوني مان ستن سالن جي نينگري علي شاه ڌي عبدالحميد ابڙو کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي اسان جو ايس ايس پي دادو کان مطالبو آھي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان نياڻي کي واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته الزام ھيٺ آيل رجب شيخ صدام شيخ اديب شيخ مؤقف ڏيندي ٻڌايو ته ھي عورت بليڪ ميلر آھي اسان مٿان لڳايل الزام بي بنياد ۽ ڪوڙا آھن اسان ايس ايس پي دادو کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽس وٺي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ