بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ

سنڌي خبرون 09th Nov 2025 408 مناظر
مورو جي شھيد  بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ

شھر جي سونھن سڌاري ۽ ترقي تعمير لاء هر ممڪن ڪوشش جاري آھي: ميونسپل چيئرمين

مورو (رپورٽر) مورو جي شھيد بينظير ڀٽو چئلڊرين پارڪ جي سونھن سڌاري لاء تيزي سان ڪم جاري ان سلسلي ۾ چيئرمين مورو ميونسپل ڪاميٽي نظير احمد ميمڻ صحافي جاني جماڻي سان ڳالھائيندي چيو ته گھرو وزير ضياءالحسن لنجار جي هدايتن موجب شھر جي سونھن سڌاري ۽ ترقي تعمير لاء هر ممڪن ڪوشش جاري آھي شھر جي مختلف هنڌن جيان پارڪ ۾ به واڪنگ ٽريڪ ٺهرائي پارڪ ۾ ايندڙن کي بھتر سھولتون فراهم ڪرڻ لاء تيزي سان ڪم جاري آھي جڏهن ته CMO مورو نور محمد سمون پارڪ ج پھچي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺندي چيو ته هي پارڪ اسان جي شھر جي سونھن آھي هتي شھرين مرد عورتون توڙي جو معصوم ٻار اچن ٿا انھن کي هر ممڪن سھولت فراهم ڪري رهيا آهيان
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ