اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ 30 لک انعام رکيل ڏوھاري پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي

سنڌي خبرون 19th Nov 2023 65 مناظر

شڪارپور ۾ 30 لک انعام رکيل ڏوھاري پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پوليس جي وڏي ڪاميابي: ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ گذريل 30 سالن کان متعدد سنگين ڪيسن ۾ ملوث دهشت جي علامت بڻيل 30 لک انعامي يافته ڏوهاري شڪارپور پوليس وٽ پيش ٿي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس. آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي حڪم تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي اڳواڻي ۾ شڪارپور پوليس پاران ڏوهارين، اشتهاري ۽ مفرور جوابدارن خلاف جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ ڪريڪ ڊائون تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ ڏوهاري ڏوهن جي دنيا کي ڇڏي پاڻ کي پوليس وٽ سرينڊر ڪري ڇڏيو.بدنام زمانه انعام يافته ڏوهاري چڻنگي مقام جو رهواسي وڏڻ عرف ڏاڏو ولد غوث بخش شيخ ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪري پوليس اڳيان پيش ٿي ويو پوليس ڏوهاري کي گهربل ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي. حڪومت سنڌ خطرناڪ ڏوهاري کي زنده يا مردھ پڪڙڻ لاءِ 30 لک رپيا انعام مقرر ڪيو هو. گرفتار جوابدار خلاف نيوفوجداري ٿاڻي سميت مختلف ٿاڻن ۾ 42 ڪيس داخل ثيل آهن. گرفتار ڏوهاري قتل، قتل جي ڪوشش، ڦر، چوري، منشيات ۽ پوليس مقابلن سميت 42 ڪيسن ۾ ملوث هو ۽ ٻين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن جي مختلف ٿاڻن کان رڪارڊ جاچ ڪئي پئي وڃي ڏوهارين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، جيڪو ڏوهاري ڏوهن جي دنيا ڇڏي پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري ڏئي قانون جي منهن ڏيندو ته انهن کي پوليس جي طرفان ڪنهن به قسم جي ناانصافي نه ٿيندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ