جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

يوسي وڪڙو ڏوڪري ۽ دڙا يوسي باڊھ ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

سنڌي خبرون 07th May 2026 331 مناظر
يوسي وڪڙو ڏوڪري ۽ دڙا يوسي باڊھ ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري
ڏوڪري (اطهر ميمڻ )سنڌ حڪومت جي بلديات کاتي طرفان ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ٻن يوسين کي ڏوڪري ۽ باڊھ ٽائون ۾ ضم ڪري ڇڏيو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق يوسي وڪڙو کي ٽائون ڪميٽي ڏوڪري ۾ ضم ڪيو ويو،جڏھن ته يوسي دڙا کي ٽائون ڪميٽي باڊھ ۾ ضم ڪيو ويو.واضح رھي ته 1965 کان ڏوڪري ٽائون ڪميٽي ۾ 8 وارڊ ھوندا ھئا،پر پ پ حڪومت طرفان ناظمي نظام ختم ڪرڻ بعد 2015 ۾ بلدياتي چونڊن دوران نئين حد بندين دوران ڏوڪري ٽائون ڪميٽي کي 8 وارڊ مان گھٽائي 5 وارڊ ڪيا ويا،جنھن تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شھرين طرفان سخت مخالفت ڪئي.جنھن بعد پ پ ايم اين اي سردار نظير احمد ٻگھيو جي ڪوششن سان ٽائون ڪميٽي ڏوڪري جا ڪٽيل وارڊ ٻيھر ڏوڪري ٽائون ڪميٽي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون.ان موقعي تي ايم اين اي سردار نظير خان ٻگهيو جو چوڻ ھيو ته يوسي وڪڙو ڏوڪري ۾ ضم ڪرڻ ۽ يوسي دڙا باڊھ ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري وڏي وزير سيد مراد علي شاه کان ورتي وئي.جنهنجو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آھي.ھوڏانھن ٽائون ڪميٽي ڏوڪري ۽ باڊھ ۾ يوسي وڪڙو ۽ يوسي دڙا کي ضم ڪرڻ تي شھرين طرفان خوشي جو اظھار ڪيو ويو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ