بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪنري ۾ استادن پاران پينشن رولز جي نئين پاليسي خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 18th Aug 2025 166 مناظر
ڪنري ۾ استادن پاران پينشن رولز جي نئين پاليسي خلاف احتجاج

نئين پينشن پاليسي کي رد ڪريون ٿا، فيصلو واپس ورتو وڃي: استاد

عمرڪوٽ(ڊ ر)ڪنري سنڌ حڪومت پاران پينشن رولز جي نئين پاليسي خلاف استادن پاران احتجاجي تحريڪ شروع، ڪنري ۾ مختلف اسڪولن جي استادن پاران ڪاريون پٽيو ٻڌي احتجاجي مظاهرو گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ موسيٰ سمون، ڊويزنل صدر محمد جميل آرائين، نادر گشڪوري، رحمت الله لاشاي ۽ ٻين گورنمينٽ قاضي سلطان هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ استادن پاران ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي استادن پاران ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي حڪومت هڪ صوبي ۾ ٻه قانون قائم ڪري ڇڏيا آھن، استادن جي پينشن جا نوان رولز لاڳو ڪري استادن سان ظلم ڪيو ويو آھي. استاد اڄ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آھي ۽ مختلف مرحلن ۾ احتجاج ڪيا ويندا. استاد نئين پينشن پاليسين کي مڪمل رد ڪيون ٿا استادن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ