بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

قمبر ۾ مليريا بابت ضلعي صحت آفيس، مليريا ڪنٽرول پروگرام پاران ريلي ۽ سيمينار

سنڌي خبرون 26th Apr 2023 89 مناظر

سرڪاري اسپتال کان ضلعي صحت آفيس تائين ڊاڪٽر سرتاج اڪبر جج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ مليريا کان بچاءُ جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ضلعي صحت آفيس، مليريا ڪنٽرول پروگرام پاران سرڪاري اسپتال ڊي ايڇ ڪيو کان وٺي ضلعي صحت آفيس تائين ھٿن ۾ بينر کڻي ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر سرتاج اڪبر جج، ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري ۽ ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي ڊاڪٽر سرتاج اڪبر جج، ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي ۽ ڊاڪٽر شازيا پٺاڻ چيو ته مليريا ھڪ خطرناڪ بيماري آھي مليريا جي بيماري مادي مڇر جي چڪ لڳڻ ڪري ٿئي ٿي اسان وٽ مليريا جي بخار کي عام طور تي معمولي سمجھيو وڃي ٿو جنھن ڪري بروقت علاج يا ٽيسٽ نه ڪرائڻ جي صورت ۾ مليريا خطرناڪ ٿي سگھي ٿو مليريا جي ڪري ٻين بيمارين جي لڳڻ جو خطرو پڻ وڌي وڃي ٿو ۽ جسم ۾ قوت مدافعت به گھٽجي وڃي ٿي خاص طور ٻارن جي دماغي ۽ جسماني تندرستي تي خراب اثر پوي ٿو مليريا جي ڪري جسم ۾ سور سيءُ ڏڪڻي تيز بخار الٽي ۽ پگھر جو اچڻ ٿيندو آھي جڏھن ته مليريا ٿيڻ ڪري رت پڻ گھٽجي ويندي آھي ۽ جسم ڪمزور ٿي ويندو آھي جيڪڏھن ڪنھن به وڏي ننڍي شخص عورت يا ٻار ۾ اھڙي قسم جون علامتون ظاھر ٿين ته سندن فوري طور مليريا جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي مليريا جي بخار کي معمولي نه سمجھو وڃي مليريا جان ليوا پڻ ٿي سگھي ٿي انڪري عوام کي گھرجي ته مڇرن جي چڪ کان پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي بچائڻ لاء رات جو سمھڻ وقت مڇر داني جو استعمال ڪن ۽ ان سان گڏو گڏ ڪمرن ۾ مڇر مار اسپري ڪري جسم کي مڇرن کان بچاءُ وارو لوشن پڻ لڳائن ھُنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران عوام کي مليريا جي مرض کان بچائڻ لاء ھر ضلعي ۾ مليريا ڪنٽرول پروگرام ڪم ڪري رھيو آھي جڏھن ته سنڌ گورنمينٽ، مليريا ڪنٽرول پروگرام ۽ گلوبل ڦنڊ جي سھڪار سان قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ 90 مفت مليريا جا چڪاس ۽ مفت علاج جا سينٽر ڪم ڪري رھيا آھن ريلي ۾ صحت کاتي جي عملدارن سميت مختلف اين جي اوز جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ