بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

غوثپور جي نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن سبب نينگر فوت

سنڌي خبرون 08th Oct 2023 166 مناظر

15ورهين جو جميل اوڳاهي بيمار هو، کيس علاج لاءِ ڊاڪٽر خالد ملڪ جي اسپتال آندو

غوثپور جي نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن سبب نينگر فوت ٿي ويو، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته 15ورهين جو جميل اوڳاهي بيمار هو، کيس علاج لاءِ ڊاڪٽر خالد ملڪ جي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر سندس ٽيسٽون ڪرائڻ بعد چيو ته نينگر کي مليريا ٿي وئي آهي، ڊاڪٽر خالد ملڪ نينگر کي 3 ڊرپون ۽ ڪجهه انجيڪشن لڳايا جنهن بعد سندس جسم تي ڪارا نشان ظاهر ٿيا ۽ هڪ ڪلاڪ بعد هو فوت ٿي ويو، نوٽيس وٺي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ