بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو جي صدارت هيٺ مختلف عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن بابت اجلاس

سنڌي خبرون 17th Nov 2023 383 مناظر

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو جي صدارت هيٺ مختلف عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن بابت اجلاس

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه جي صدارت هيٺ مختلف عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن بابت اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ اٽارني شمس الدين سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو وقاص ملڪ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو اقبال تنيو، اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري نبي بخش سولنگي سميت مختيارڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه روينيو آفيسرن تي زور ڀريو ته هو مختلف عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن بابت سرڪاري موقف واضح دليلن سان لکت ۾ بروقت پيش ڪن ته جيئن عدليه کي انهن ڪيسن کي جلد نبيرڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته التوا ۾ پيل ڪيسن کي نڀيرڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ