ہفتہ، 10 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي سنڌ جي وحدت تي ڪوبہ وار برداشت نہ ڪبو: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 08th Aug 2025 352 مناظر
سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي سنڌ جي وحدت تي ڪوبہ وار برداشت نہ ڪبو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي سنڌ جي وحدت تي ڪوبہ وار برداشت نہ ڪيو ويندو. ڪراچي سميت سامونڊي پٽي ۽ ٿر ۾ موجود معدنیات تي وفاق مڪمل قبضو ڪرڻ چاهي ٿو۔ وفاقي اقتصادي زون يا اسٽريٽجڪ اقتصادي بيلٽ جي نالي تي خطو پيپلزپارٽي اقتدار جي خاطر وفاق جي حوالي ڪرڻ چاهي۔ پيپلزپارٽي ڪرسي جي خاطر سڄي سنڌ وڪڻي سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري سگهي ٿي۔ اياز لطيف پليجو چيو تہ گذريل 18 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، پيپلزپارٽي کي لڳاتار اقتدار مليو ئي ان ڪري آهي تہ بدلي ۾ سنڌ جا وسيلا وفاق کڻدو۔ پيپلزپارٽي سامونڊي پٽي ۽ ٿر ۾ موجود معدنيات وفاق جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو پاڻي، زمينون، وسيلا ۽ هاڻي سنڌ جو تحت گاھ ڪراچي، سامونڊي پٽي ۽ ٿر جي معدنيات وفاق کڻڻ جا سانڀاها ڪري رهيو آهي۔ سنڌ جو عوام جيڪڏهن هن وقت سڄاڳ نہ ٿيو تہ سنڌ مڪمل ڌارين جي حوالي ٿي ويندي ۽ سنڌ جو عوام پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور هوندو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ