منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌ حڪومت جي ڪابينا سيڪشن جي ٽيم پاران راجوير سنگهه سوڍو جي آفيس جو دورو

سنڌي خبرون 10th Sep 2025 307 مناظر
سنڌ حڪومت جي ڪابينا سيڪشن جي ٽيم پاران راجوير سنگهه سوڍو جي آفيس جو دورو

سيڪشن آفيسر سارنگ علي جي اڳواڻي ۾، وڏي وزير جي خاص مددگار جي آفيس جو دورو ڪيو

ڪراچي/عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت جي ڪابينا سيڪشن جي ٽيم، سيڪشن آفيسر،سارنگ علي جي اڳواڻي ۾، سنڌ جي وزيراعليٰ جي خاص مددگار براءِ انساني حقن کاتي راجوير سنگھ سوڍو جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ کين ڪابينا سان لاڳاپيل ڪارروائين جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ٽيبليٽ (آئي پيڊ) حوالو ڪيو، هاڻي ڪم ڪندڙ پيپرز، سمريون، معزز وزيراعليٰ کي نوٽس ۽ ڪابينا اجلاس جا منٽس آئي پيڊ ۾ موجود خصوصي ايپليڪيشن وسيلي تيار ۽ منتقل ڪيا ويندا، ھن قدمن سان نه رڳو ڪم جي شفافيت وڌندي پر ڪابينا سان لاڳاپيل سموري ڪارروائي جديد طريقيڪار سان ڊجيٽل بڻجي سگهندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ