جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران سول سرجن خلاف پنجن ڏينھن وارو احتجاج

سنڌي خبرون 18th Nov 2024 259 مناظر
سجاول سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران سول سرجن خلاف پنجن ڏينھن وارو احتجاج

ايم پي اي ريحانه لغاري پھچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو

سجاول (رپورٽر) سول اسپتال سجاول جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران سول سرجن خلاف پنجن ڏينھن وارو احتجاج ايم پي اي ريحانه لغاري پھچي ڳالھيون ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. پنج ڏينھن جي احتجاج سبب سجاول ضلعي جي مختلف شھرن کان ايندڙ مريض دربدر ۽ پريشان ٿي ويا.سول اسپتال سجاول جي ڊاڪٽرن ۽ ينگ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو سول سرجن خلاف پنجن ڏينھن کان احتجاج هلندرهو اڄ ايم پي اي ريحانه لغاري اسپتال پھچي انھن جون ڳالهيون ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ۽ يقين ڏياريو ته اوهان جو ھر جائز مسئلو حل ڪيو ويندو ، مڪمل يقين ڏيارڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو ، ٻئي طرف ايندڙ مريضن جو چوڻ هو ته لاڳاپيل اداري جي عملدارن جي ڇڪ تاڻ سبب اسان کي وڏي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي اسين خوش ٿيا آهيون گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ مريضن جو علاج ته ٿيندو،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ