بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

سنڌي خبرون 31st Mar 2026 320 مناظر
ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

اجلاس دوران فيڊرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق ۽ ضلعي جي سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن زوم ذريعي وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي، اجلاس دوران فيڊرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽين جي فيصلن تي بروقت ۽ اثرائتو عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن حڪومتي پاليسين جا مثبت نتيجا عوام تائين پهچي سگهن، ان کان علاوه گذريل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ سڀني آفيسرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون ايمانداري ۽ فرض شناسي سان ادا ڪن ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪن، ھن چيو ته ضلعي سطح تي بهتر ڪوآرڊينيشن ذريعي ئي ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن کي ڪامياب بڻائي سگهجي ٿو، اجلاس ۾ امن امان، صفائي سٿرائي، صحت، تعليم ۽ ٻين عوامي خدمتن جي شعبن ۾ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت به اهم فيصلا ڪيا ويا، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو حڪومتي هدايتن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ