بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس خلاف ريلي

سنڌي خبرون 07th Nov 2025 478 مناظر
جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس خلاف ريلي

رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ جي موجوده ايم ايس جبار ميمڻ کي فوري طور هٽايو وڃي: اڳواڻن جو مطالبو

ٺٽو (ڊ ر)جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ايم ايس جبار ميمڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ريلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن امجد علي شورو، ظهير جهرڪو، نويد سولنگي، ذوالفقار ميراڻي، دلاور رند ۽ شهزاد رند سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ جي موجوده ايم ايس جبار ميمڻ کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ جو نوٽيس وٺي عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔اڳواڻن وڌيڪ الزام هنيو ته رورل هيلٿ سينٽر کي تازو فراهم ڪيل ايمبولنس گم ٿي وئي آهي، جنهن جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔ انهن وڌيڪ چيو ته سائين اڪبر رند جي جبري طور برطرف ڪيل يتيم نياڻي کي ٻيهر جهرڪ رورل هيلٿ سينٽر تي بحال ڪيو وڃي۔احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مٿين مطالبن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جيئي سنڌ محاذ پاران سموري ضلعي ۾ وڌيڪ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ