بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

سنڌ پوليس پاران عيدالفطر جي موقعي تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار

سنڌي خبرون 17th Mar 2026 350 مناظر
سنڌ پوليس پاران عيدالفطر جي موقعي تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عيدالفطر جي خوشيءَ واري موقعي تي سنڌ پوليس طرفان شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي ۽ خوشيون ونڊڻ لاءِ مختلف پوليس آفيسرن شهيد اهلڪارن جي گهرن جو دورو ڪري سندن خاندانن سان ملاقاتون ڪيون۔ان سلسلي ۾ شهيد اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد خان ابڙو جي گهر تي پوليس آفيسرن جي هڪ وفد حاضري ڀري۔ وفد ۾ ايس ڊي پي او بن قاسم، ايس ايڇ او بن قاسم، چوڪي انچارج نصيرآباد، هيڊ محرر بن قاسم ۽ انٽيليجنس آفيسر بن قاسم شامل هئاآفيسرن شهيد جي وارثن سان ملاقات ڪري کين عيدالفطر جون واڌايون ڏنيون ۽ يقين ڏياريو ته سنڌ پوليس پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي۔ان موقعي تي آفيسرن محبت ۽ احترام جي علامت طور شهيد جي وارثن کي مٺائي ۽ گلن جا گلدستا پيش ڪيا۔ وفد ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شهيد اي ايس آءِ محمد خان ابڙو جي قرباني پوري پوليس کاتي لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ سندس خاندان جي ڀلائي ۽ سارسنڀال سنڌ پوليس جي اولين ترجيح آهي۔ ملاقات جي آخر ۾ شهيد جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي۔ٻئي طرف ٿاڻو ميمڻ ڳوٺ، ضلع ملير ڪراچي ۾ پڻ اعليٰ آفيسرن ۽ ايس ايس پي ملير جي هدايتن تي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو۔ ايس ڊي پي او ميمڻ ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ جي هدايت تي ايڊيشنل ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر شعيب بلوچ ۽ هيڊ محرر فياض هوکيو شهيد اهلڪار عمران بابڙا جي گهر پهچي سندس وارثن سان ملاقات ڪئي۔ان موقعي تي آفيسرن شهيد جي وارثن کي گلن جا گلدستا ۽ مٺائي پيش ڪئي ۽ شهيد جي بلند درجن ۽ مغفرت لاءِ دعا گهري۔ وارثن سنڌ پوليس جي آفيسرن جو ٿورائتو اظهار ڪندي چيو ته پوليس کاتي طرفان اهڙي يادگيري ۽ ساٿ سندن لاءِ حوصلا افزائي جو سبب آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ