بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول: ڳوٺ شاھ نصر وٽان چور ٽرانسفارمر جون سامان چوري ڪري فرار

سنڌي خبرون 30th Nov 2023 215 مناظر

سجاول: ڳوٺ شاھ نصر وٽان چور ٽرانسفارمر جون سامان چوري ڪري فرار

سجاول (ڊر) ٻڍي ٽالپر ويجهو ڳوٺ شاھ نصر وٽان نامعلوم چور رات جي وقت ۾ بجلي جي پول تان ٽرانسفارمر لاھي ان مان قيمتي سامان ڪڍي خالي باڪس ڇڏي فرار ٿي ويا ھن سلسلي ۾ مقامي رھواسين محمد امين جت محمد ڪوري ۽ ٻين ٻڌايو ته انهي ٽراسفارمر وسيلي جت ۽ پارھيڙي محلي واسين کي بجلي ملندي ھئي پر رات ڪي نامعلوم ٽيڪنيڪل ماڻهو ٽرانسفارمر کي لاھي ان مان قيمتي سامان سڀيئي اوزار ڪڍي کڻي ويا آھن ھنن ايس ايس پي سجاول ۽ حيسڪو اختيارين کان ٽرانسفارمر چورن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ