بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، سنڌ جي سينئر صحافي تصوير سنديلو جي پٽ جي موٽرسائيڪل چوري

سنڌي خبرون 10th Aug 2025 348 مناظر
ڏوڪري ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، سنڌ جي سينئر صحافي تصوير سنديلو جي پٽ جي موٽرسائيڪل چوري

سينيئر صحافي تصوير سنديلو جي پٽ جي مجدد پبلڪ اسڪول ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چوري

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) امن امان جي صورتحال بدتر، پوليس بي خبر، شهري ڏوهارين جي حوالي ڏوڪري ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته پوليس انتظاميا اگھور ننڊ ستل لڳي ٿي. شهر ۾ ڏوهن جو روزانو معمول بڻجي ويو آهي ۽ شهري عملي طور ڏوهارين جي حوالي ٿي ويا آهن. سينيئر صحافي تصوير سنديلو جي پٽ، مجدد پبلڪ اسڪول جي شاگرد جي اسڪول ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چور چوري ڪري ويا. گذريل رات واپڊا ڀرسان جوکيا ڪالوني مان ڄام ٻگهيو جي گهر مان چور روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. ان کان اڳ، ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اجيت ڪمار سوناري جي دوڪان مان ٿيل 70 لک روپين جي ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي چوري ٿيل سونا زيور ۽ روڪ رقم واپس ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن رڪ سنڌي، صابر جروار، ريحان احمد ۽ ٻين چيو ته ڏوڪري پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. سندن چوڻ هو ته ايس ايڇ او دلي جان مگسي نه ته ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ٿيل سمورا ڏوھ واپس ڪرايا وڃن ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ