ڪراچي جي گلستان جوھر واري علائقي ۾ جوھر ڪامپيلڪس جي رھواسين جو احتجاجي مظاهرو
سماجي اڳواڻ عامر مگسي تي فائرنگ ۽ يونين عھديدارن طرفان ڪيل ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو
گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي جي گلستان جوھر واري علائقي جوھر ڪامپيلڪس جي رھواسين طرفان سماجي اڳواڻ ۽ يونين جي نائب صدر عامر مگسي مٿان ٿيل فائرنگ ۽ يونين جي عھديدارن طرفان ڪيل ڪرپشن خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو احتجاجي مظاھري ۾ غلام مصطفا چانڊئي۔مبارڪ ڀٽي۔سميع علوي۔اسدالله علوي۔رجب ڪنڀر۔شرف الدين ڀٽي۔سيد جاني شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڏينھن رات جو دير سان سماجي اڳواڻ عامر مگسي مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو ھو ان جي مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته ڪجھ عرصو مس ٿيو آھي نئي يونين کي پر ھنن ڪرپشن ۽ ڀتاخوري جي انتھا ڪري ڇڏي آھي سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪورٽ پاران ڏيڍ سال لاء مينٽيننس 150 ڪيو ويو آهي پر يونين انتظاميا پاران 1000رپيو ورتو پيو وڃي جيڪا غير قانوني ۽نا انصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته يونين انتظاميا يونين جي ٻاهر ۽اندر نامعلوم ماڻهن کي وهاري ايندڙ ويندڙ نياڻين جا ويڊيو ٺاهي رهواسين کي بليڪ ميل ڪري رھواسين جي لاء يونين نوگورو ايريا بڻايو ويٺا آهن کين ڪوبه پڇڻ وارو ناھي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته عامر مگسي مٿان قاتلانا حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڀتاخوري جو خاتمو آندو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو