بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، منشيات فروشن سميت 11 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 14th Apr 2025 275 مناظر
ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، منشيات فروشن سميت 11 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪارروائين دوران جوابدارن وٽان وڏي تعداد ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون،6 منشيات فروش، 2 گٽڪي فروش ۽ ٽن روپوشن سميت 11 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل –900 گرام چرس، 35 ٿيلھيون ، ڪچو شراب، 10 ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل، 250 پيڪٽ گٽڪو مائو ۽ 1 موٽر سائيڪل هٿ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجي جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪم تي ٺٽو پوليس پاران منشيات، ڏوهاري عنصرن، عادي مجرمن، گٽڪي ۽ مين پڙي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. يس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي (ٺٽو، ساڪرو، ڌاٻيجي، گهوڙاٻاري پوليس) مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪندي 6 منشيات فروش جوابدار غلام رسول منڱڻهار، خليل الله ٻاٻڙو، نديم خاصخيلي، نعيم ميمڻ، نياز عمراڻي، نويد عرف ناول جمالي ۽ 2 گٽڪي فروش عبدالعزيز ڪنڀار، مقبول ڪڙمو کي گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدارن وٽان 900 گرام چرس، 35 ليٽر ڪچو شراب، 10 ڪلو گٽڪي جو مواد، 250 پيڪٽ گٽڪو مائو ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. ان کان علاوه، انچارج سي آءِ اي ٺٽو پنهنجي اسٽاف سميت ٺٽو شهر ۾ ڪارروايون ڪري ٿاڻو ٺٽو جي ڪيسن ۾ گهربل 3 روپوش جوابدار سڪندر عرف ابو ولد پنهون ملاح، حبدار ولد عيدو ميرجت ۽ حاجي ولد ڦل عرف عارو نوتيار کي گرفتار ڪري ورتو. رفتار جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل ٿاڻن تي منشيات آرڊيننس، نارڪوٽڪس ايڪٽ ۽ گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ