جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

مڪلي جي شهرين جو ايس ڊي او واپڊا خلاف سندس آفيس آڏو ڌرڻو

سنڌي خبرون 20th Aug 2025 159 مناظر
مڪلي جي شهرين جو ايس ڊي او واپڊا خلاف سندس آفيس آڏو ڌرڻو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ايس ڊي او واپڊا مڪلي خلاف شاهمراد ڪالوني مڪلي جي شهرين طرفان ايس ڊي او آفيس آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويو شهرين جو چوڻ هو ته ايس ڊي او کين بل ڪليئر هئڻ باجود ايس ڊي او ۽ لائين مين تنگ ڪن ٿا هنن جو چوڻ هو ته ايس ڊي او گذريل ڏينهن پنهنجي واپڊا ملازم لائين مين کي سندن ڪالوني ۾ خرچي لا۽ موڪليو ته لائين مين کي شهري پئسا نه ڏنا ۽ چيو ته اسان جا بل به ڪلئير آهن باقي خرچي اسان ڏيهاڙي ڪمائيندڙ مزدور طبقي جا پورهيت ماڻهون ڪئين ڏينداسين جنهن بعد ايس ڊي او ڏمرجي پيو پنهنجي ٽيم ساڻ اچي هنن جي ڪالوني ۾ لڳل ٽرانسفارم لاهي کڻي ويو جنهن ڪري اسان سندس آفيس آيا آهيون پر هو اسان سان نه مليو جنهن سبب مجبور ٿي اسان روڊ تي ڌرڻو هنيو آهي ان موقعي ڌرڻو ختم ڪرائڻ کان پو۽ ايس ايڇ او مڪلي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻي جي شهرين اظهر جاکرو سيد منظور علي شاه عاصم ڀٽي ٻين نوجوانن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي جنهن بعد ايس ايڇ او انور علي شر ڌرڻي موجود نوجوانن کي اعتماد ڏياريو ويو ته واپڊا عملي سان ڳالھ ٻولھ ڪري سندن جائز مسئلو حل ڪرايو ويو جنهن بعد ايس ايڇ او مڪلي ڀرپور اعتماد ڪيو ۽ نوجوانن روڊ کولي ڇڏيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ