بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

جيڪب آباد ويجهو ڌاڙيل ٻن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا

سنڌي خبرون 30th Apr 2023 340 مناظر

ڌاڙيلن ٻنهي اهلڪارن تي تشدد جي وڊيو به وائرل ڪري ڇڏي

جيڪب آباد: جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد مان 2 پوليس اهلڪار اغوا ٿي ويا، جاگير واري علائقي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيل مٺو شاهه گينگ پاران پوليس اهلڪارن شمس الدين کوسو ۽ نور نبي ڀٽي کي اغوا ڪيو ويو، جنهن بعد ڌاڙيلن اهلڪارن تي تشدد واري وڊيو پڻ وائرل ڪري ڇڏي آهي، ڌاڙيل مٺو شاهه جو چوڻ آهي ته بلوچستان واسي نوجوان فرقان کي اسان اغوا ناهي ڪيو تنهن هوندي پوليس اسان جون عورتون کنڀي کڻي وئي آهي، ٻي طرف ايس ايس پي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي اهلڪارن جي اغوا جو تصدیق ڪري ڇڏي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ