بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ بيواھھ عورت جو ٻارڙن سميت ملڪيت تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 25th Feb 2024 186 مناظر

مورو ۾ بيواھھ عورت جو ٻارڙن سميت ملڪيت تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

مورو(جاني جماڻي) مورو شھر جي ڪوري محلا ۾ فوتي مڙس اسلم رحماني جي ملڪيت مان حصو نہ ملڻ تي بيواھ عورت مجيدان رحماني جو پنھنجي معذور نياڻي صباح ۽ پٽ الھ رکيو رحماني سان گڏجي مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي ھن جو چوڻ ھو تہ منھنجو مڙس اسلم رحماني مورو ۾ ليٿ مشين جو ڪم ڪندو ھيو جيڪو ڪجھ وقت اڳ فوت ٿي ويو آھي جنھن کانپوءِ ڏير مونتي ۽ منھنجي اولاد تي ظلم ڪري رھيا آھن ۽ مڙس جي ملڪيت مان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي جنھن کانپوءِ مان پنھنجي اولادِ سميت در بدر آھيان ھن الزام ھڻندي چيو تہ منھنجي مڙس جي ملڪيت تي جاويد، اياز، امتياز، ممتاز، فياض سمورا پٽ سلام الدين وارن قبضو ڪيو آھي آئون حق گھران ٿي پر مسلسل ڌمڪايو پيو وڃي ھن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، سيشن جج نوشھروفيروز، آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊي ايس پي مورو، ايس ايڇ او مورو سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري فوت ٿيندڙ مڙس جي ملڪيت مان حصو ڏياريو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ