بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

اياز لطيف پليجي پاران سڪرنڊ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت

سنڌي خبرون 28th Sep 2023 196 مناظر

سرعام ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي تہ سرعام ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائڻ هڪ کليل دهشتگردي آهي، جيڪڏهن ڪير بہ ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث هجي ٿو تہ ان کي ملڪ جي قانون ۽ آئين مطابق ڪيس داخل ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي۔ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سرعام گوليون هلائي رت جي راند کيڏڻ ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جي قانون قطعي اجازت نہ ٿو ڏي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ هر روز ڪڏهن نياڻين سان ريپ ڪري لاش ڏنا وڃن ٿا، ڪڏهن گولين جو کاڄ بڻائي سنڌ جي ماڻهن جو رت وهايو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سڪرنڊ ماڙي جلباڻي جي واقعي جي فورن صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي فورن قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔ ۽ شھيدن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ