نوشھروفيروز ضلعي ۾ ننڍي چونڊ، 4 سيٽن تي پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب
بنا مقابلي ڪامياب ٿيل پ پ اميدارن ۾ حسين بخش سھتو ۽ سجاد حسين بھ شامل، نوٽيفڪيشن جاري
نوشهرو فیروز(ڊ ر) ضلعي نوشهرو فیروز ۾ ضمني بلدیاتي چونڊن جي مختلف ڪیٽيگرین جي چار سيٽن تي پاڪستان پيپلزپارٽي جا امیدوار بنا مقابلي ڪامیاب قرار۔ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر خالد مرزا موجب جن تعلقي ڪنڊيارو جي يونين ڪائونسل 11 سومر چنڙ جي وائیس چیئرمین جي سيٽ تي شوڪت علي ڪلهوڙو، تعلقي ڀريا جي يونين ڪائونسل 37 دليپوٽا جي وائیس چیئرمین جي سيٽ تي غلام مصطفيٰ سولنگي، تعلقي محرابپور جي يونين ڪائونسل 18 صالح سهتو جي ضلع ڪائونسل میمبر تي حسین بخش سهتو ۽ ساڳئي يوسي جي جنرل وارڊ میمبر تي سجاد حسین کي ڪامیاب قرار ڏنو ويو آھي جنهن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آھن۔