جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊکڻ: شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

سنڌي خبرون 22nd Jan 2024 267 مناظر

ڊکڻ: شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

ڊکڻ (رپورٽر) ڊکڻ لڳ بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ موٽر سائيڪل لڳڻ سبب ٻئي موٽر سائيڪل سوار سخت زخمي، هڪ ڄڻو لاڙڪاڻي نيئندي رستي ۾ فوت گهر ۾ ڪهرام، ڊکڻ ٿاڻي جي حد شڪارپور رتوديرو نيشنل هاء وي روڊ ڊکڻ ٻاهران نوَن بٺن وٽ بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ موٽرسائيڪل ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه موٽر سائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڊکڻ جي پرائيوٽ اسپتال آندو ويو جتان زخمي مصور عبيد وڍو کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته زيشان ٻوهڙو کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو فوتي نوجوان نئون ديرو جي سينيئر صحافي عبدالقادر اوڍو جو ڏوهٽو آهي واعص بعد سندس گهر ۾ ڪهرام پئجي ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ