منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

موھن جو دڙو ويجھو حادثي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن سميت 3 گھرڀاتي فوت

سنڌي خبرون 10th Mar 2024 316 مناظر

موھن جو دڙو ويجھو حادثي ۾ ٻن معصوم ٻارڙن سميت 3 گھرڀاتي فوت

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان موهن جو دڙو-راڌڻ روڊ تي وڏي وهڻي لاڙي وٽان ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي سامهون زوردار ٽڪر هنيو. جنهن سبب موٽرسائيڪل تي سوار ڳوٺ راوت کيڙو جو رهواسي احمد علي کيڙو، 5 سالن جي ٻارڙي بسما، 4 سالن جو معصوم ٻارڙو ساجن علي موقعي تي فوت ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايئرپورٽ پوليس، وارث ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهتا. وارثن پوليس جي مدد سان فوتين جا لاش ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيا. جتي فوتي ڳوٺاڻن جي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. هڪ ئي گهر جا 3 لاش گهر پهتا تہ گهر ڀاتين ۾ ماتم مچي ويو.گذريل ڏينهن ڏوڪري کان پنهنجي ڳوٺ راوت کيڙو وڃي رهيو هو تہ وڏي وهڻي لاڙي وٽان تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي موٽر سائيڪل کي سامهون ٽڪر هڻي ڇيڀاٽي ڇڏيو. جنهن سبب 2 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. ايئرپورٽ پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ