پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير سٽي پوليس جي ڪارروائي، گٽڪو ماوا سپلائي ڪندڙ رڪشا ڊرائيور گرفتار

سنڌي خبرون 25th Nov 2025 444 مناظر
ملير سٽي پوليس جي ڪارروائي، گٽڪو ماوا سپلائي ڪندڙ رڪشا ڊرائيور گرفتار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي گٽڪو ماووي جي سپلائي ۾ ملوث رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس موجب ملزم غلام فريد رڪشا ۾ تيار ڪيل ڳجهن خانن ۾ گٽڪو ماوو لڪائي مختلف علائقن ۾ پهچائيندو هو، جڏهن ته گرفتاري کان بچڻ لاءِ هو عام مسافر، عورتون ۽ فيمليون به رڪشا ۾ ويهاري سفر ڪندو هو ته جيئن شڪ نه پوي۔پوليس جي ڪارروائي دوران ملزم جي قبضي مان 31 ڪلو کان وڌيڪ تيار ٿيل پيڪ گٽڪو ماووي ۽ سپلائي لاءِ استعمال ٿيندڙ رڪشا هٿ ڪيو ويو آهي۔ پوليس موجب گٽڪو ماوا خلاف ڪَرَيڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪيو ويندو، جڏهن ته گرفتار ملزم خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ